SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World Government

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • gʌvnmənt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World Government

ورلڊ گورنمينٽ

عالمي حُڪومت

ڪا به اهڙي وڏ- قومي (Suprantional) سنگت ، جنهن کي قانون سازي ۽ ڪم ڪار هلائڻ ۽ طاقت جي استعمال سوڌا حڪمرانيءَ جا سڀ اختيار هُجن، اها ’عالمي حُڪومت‘ سڏبي آهي. ان سنگت آڏو جُدا جُدا قومن جي خودمختياري ختم ڪري، قومن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۽ اختلاف صلاح مصلحت ذريعي، هڪ مضبوط ”عالمي قانون“ تحت حل ڪيا ويندا آهن. ڪنهن به هڪ سنگت کي اهي سڀ اختيار ملڻ جو مقصد هوندو ته دُنيا جي مڙني قومن کي هٿيارن جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪڍي عالمي امن ۽ ڀائيچاري کي وڌايو وڃي. هن نظريي جي وڪيلن مطابق ”عالمي حُڪومت“ جي جوڙجڪ ڪنهن مرڪزي سرشتي وانگر هوندي، جنهن کي امن امان جي بحاليءَ ۽ قانون جي حاڪميت واري ذميواري مليل هوندي، جڏهن ته روايتي رياستن جي ذميواري فقط مڪاني سطح تي هڪ منتظم واري وڃي بيهندي. اهڙي ’خودمختياريءَ کان وانجهيل رياست‘ جي حيثيت عالمي حُڪومت جي فقط هڪ ميمبر واري هوندي، جنهن کي محدود اختيار مليل هوندا. اِن پرياءَ/خاڪي جو عام مقصد بين اقوامي تعلقات مان تڪرارن جو خاتمو ۽ انتشار کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ آهي. ائين ڪرڻ سان ”گڏيل سلامتي“ ۽ ”طاقت جو توازن“ وارن نقصانڪار بُنيادن تي بيٺل عالمي امن جو قبلو دُرست ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ”عالمي حڪومت“ جي حاصلات ٻن طريقن سان ٿيڻ ممڪن آهي . ڪا عالمي قوت سڄي دُنيا کي فتح ڪري ان تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪري يا دُنيا جون قومون هڪٻئي جي رضامنديءَ ۽ پاڻ ۾ سهڪار سان عالمي سطح جو سرشتو جوڙي وٺن. دُنيا جي تاريخ ۾ جهاتي پائيندي، رومي سلطنت ۽ گڏيل قومن تحت هلندڙ عالمي سرشتن تي نظر رکندي، هن نظريي جا حامي چون ٿا ته موجوده رياستي نظام کي ختم ڪري ۽ اڪيلي قوم جي اختيارين کي گهٽائي، عالمي سطح تي نه رڳو جنگ پسند سوچن جو خاتمو آندو وڃي، پر مستقبل جي دُنيا لاءِ اهڙو ڍانچو تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ معاشي سُک، سماجي انصاف ۽ ماحولياتي توازن کي اوليت مليل هجي


Remember Me Also:

گيسوڙي

ث . تُورِي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal